چيمپيئنز ٽرافي هائبرڊ ماڊل صحيح يا غلط؟ ڪيوي ڪوچ سوال کي گول ڪري ويو!

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر ۽ موجوده بالنگ ڪوچ جيڪب اورم چيمپيئنز ٽرافي جي هائبرڊ ماڊل بابت سوال جو جواب ڏيڻ کان لنوائي ويو.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي، جيڪب اورم چيو ته ڊگهي سفر کانپوءِ پاڪستان پهتا آهيون ۽ ٽيم ٽريننگ لاءِ پُرجوش آهي.
جيڪب اورم چيو ته هنن اهڙين حالتن ۾ گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي آهي، اهي حالتون نيون ناهن، رانديگر اهڙين حالتن ۾ کيڏڻ جا عادي آهن.
سندس چوڻ هو ته ٽه ملڪي سيريز جو چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته پاڪستان خلاف به کيڏڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.
اورم چيو ته ٽه ملڪي سيريز بابت حڪمت عملي ٺاهي وئي آهي، هن وقت هاڪاري موڊ ۾ آهيون، پاڪستان خلاف گهڻو کيڏي چڪا آهيون، سيريز چيمپيئنز ٽرافي جي تيارين ۾ مددگار ثابت ٿيندي.
ڪيوي آل رائونڊر ماضي کي ياد ڪندي چيو ته هو 20 سالن کان پوءِ پاڪستان آيو آهي، ۽ ٻن ڏهاڪن کان پوءِ هتي اچي سٺو محسوس ڪري رهيو آهي.
نيوزيلينڊ جي فاسٽ بالنگ ڪوچ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ”ڇا مان هائبرڊ ماڊل مان خوش آهيان؟ اوهان مون کان اهو سوال پڇيو آهي، مان ان معاملي تي جواب ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيان.“
هن چيو ته اسان کي جيڪو ٻڌايو ويو آهي ائين ڪنداسين، چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش سان پاڪستان ۾ کيڏنداسين، جڏهن ته ڀارت خلاف دبئي ۾ ميچ آهي.
هن چيو ته چيمپيئنز ٽرافي جي خوبصورتي اها آهي ته هر ٽيم وٽ برابري جو موقعو آهي، ڪا به ٽيم ڪنهن کي به هارائي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.