پاڪ-ڀارت دوستي تي آڌاريل فلم” مين هون نا“ جو سيڪويل ٺاهڻ جو امڪان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي ويهه ورهيه اڳ رليز ٿيل بلاڪ بسٽر فلم”مين هون نا“ جو ٺاهڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، شاهه رخ خان عام طور تي فلمن جا سيڪويل ٺاهڻ جي خلاف رهيو آهي، پر هاڻي هن پنهنجي مقبول ترين فلم جي سيڪويل تي راضپو ظاهر ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2004 ۾ پاڪ-ڀارت دوستي تي ٻڌل فلم”مين هون نا“جو سيڪويل ٺاهڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
رپورٽ موجب، سيڪويل تي فرح خان ۽ شاهه رخ خان گڏجي شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ فلم شاهه رخ جي پروڊڪشن بئنر هيٺ ٺاهي ويندي.
شاهه رخ خان فلم جي هدايتڪار آڏو شرط رکيو آهي ته هو سيڪويل ۾ ڪم ڪرڻ جو حتمي فيصلو اسڪرپٽ ڏسڻ کانپوءِ ڪندو، هن جي خواهش آهي ته سيڪويل جو اسڪرپٽ پهرين فلم کان وڌيڪ سگهارو هجڻ کپي.
شاهه رخ خان جي راضپي بعد سيڪويل جي ڪهاڻي لکڻ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي ۽ امڪان آهي ته 2025 جي وچ ڌاري فلم بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو.
في الحال اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته فلم جي سيڪويل تي ڪڏهن ڪم شروع ٿيندو ۽ ڪاسٽ ۾ ڪير هوندو پر امڪان آهي ته سال جي آخر تائين وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويندا.
جيڪڏهن فلم جي سيڪويل تي ڪم شروع ڪيو ويو ته به اِها فلم 2027 کان اڳ رليز نه ٿي سگهندي، ڇو ته شاهه رخ خان 2026 تائين ٻين پروجيڪٽس جي شوٽنگ ۾ مصروف رهندو.
ياد رهي ته 2004 ۾ رليز ٿيل ” مين هون نا“ ۾ شاهه رخ خان مک ڪردار ادا ڪيو هو، جڏهن ته فلم جي ڪاسٽ ۾ اڳوڻي سونهن راڻي سشميتا سين، امريتا رائو ۽ زيد خان پڻ شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.