ڪپتان سميت چار آسٽريلوي ڪرڪيٽر چيمپيئنز ٽرافي مان آئوٽ

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هلندڙ مهيني شيڊيول آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ آسٽريليا کي هڪ ٻئي پٺيان چار وڏا جھٽڪا لڳي ويا.
آسٽريليا جي اهم آل رائونڊر مارڪوس اسٽوئنس چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ اوچتو ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي آسٽريليا سندس جاءِ تي متبادل رانديگرن تي غور ڪري رهيو آهي.
آسٽريليا جي چيف سليڪٽر جارج بيلي چيو آهي ته ڪينگرو ڪپتان پيٽ ڪمنز ۽ فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ به چيمپيئنز ٽرافي اسڪواڊ مان ٻاهر ٿي ويا آهن.
چيف سليڪٽر موجب، آل رائونڊر مچل مارش اڳ ئي فٽنيس مسئلن سبب ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي چڪو آهي.
آسٽريليا کي هاڻي چيمپيئنز ٽرافي جي شروعاتي اسڪواڊ ۾ چار تبديليون ڪرڻيون پونديون.
جارج بيلي وڌيڪ چيو ته بدقسمتيءَ سان پيٽ ڪمنز، جوش هيزل ووڊ ۽ مچل مارش انجريز جو شڪار آهن ۽ چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ هو مڪمل فٽ نه ٿي سگهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.