لاهور (ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن ڪورٽ رمضان شوگر ملز ريفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزا شهباز کي بري ڪري ڇڏيو.
اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج سردار اقبال ڊوگر درخواستن تي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي بريت جون درخواستون منظور ڪري ورتيون.
ياد رهي ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز تي قومي ناڻي مان رمضان شوگر ملز لاءِ نالو ٺاهڻ جو الزام هو، پر ڪيس جي ٻڌڻي دوران فريادي پنهنجي بيان تان ڦري ويو هو.
نيب قانون ۾ ترميم کان پوءِ اهو ريفرنس اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو.
اينٽي ڪرپشن ڪورٽ رمضان شوگر ملز ڪيس جو فيصلو 3 فيبروري تي محفوظ ڪيو هو ۽ 6 فيبروري تي ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو هو.