اڄ جي دور ۾ سوشل ميڊيا تي مختصر وڊيوز ڏسڻ هڪ عام ڳالهه بڻجي چڪي آهي. ماڻهو سڄو ڏينهن فون تي اسڪرولنگ ڪندي وڊيوز ڏسڻ ۾ مصروف رهندا آهن، پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته اها عادت دماغي صحت لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي؟
چين جي Tianjin Normal University ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ اها ڳالهه ڏٺي وئي آهي ته ڏينهن ۾ گهڻو وقت فون تي اسڪرولنگ ڪرڻ سان دماغ تي ناڪاري اثر پون ٿا، خاص طور تي ڌيان ڏيڻ ۽ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت تي.
تحقيق دوران 17 کان 30 سالن جي 111 ماڻهن تي تجزيو ڪيو ويو، جيڪي مختصر وڊيوز ڏسڻ جا شوقين هئا. انهن کي روزانو لڳ ڀڳ 95 منٽ وڊيو ڏسڻ لاءِ چيو ويو ۽ ٻن مهينن تائين انهن جي دماغي سرگرمين کي ايم آر آءِ ذريعي ٽريڪ ڪيو ويو.
دماغ تي شديد اثر
جڏهن نتيجا سامهون آيا ته ماهر به حيران ٿي ويا. تحقيق مان خبر پئي ته دماغ جا اهي حصا جيڪي جذبن کي سنڀالڻ ۽ فيصلا ڪرڻ سان لاڳاپيل آهن، اهي ان عادت جو شڪار ٿي چڪا هئا.
وڌيڪ مشاهدي مان خبر پئي ته مختصر وڊيوز ڏسڻ جي عادت ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت تي به اثر انداز ٿيندي آهي، جنهن سبب ماڻهو سولائيءَ سان ڪنھن به ڪم تي ڌيان نٿا ڏئي سگهن. ان سان گڏوگڏ، دماغ جي 500 جينز جي سرگرمي ۾ به تبديليون ڏٺيون ويون، جيڪي ڪنهن به شيءِ جي عادت بڻجڻ سان لاڳاپيل آهن.
نيٺ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
ماهرن جو چوڻ آهي ته مختصر وڊيوز ڏسڻ سان ننڊ تي به خراب اثر پون ٿا، ۽ بي خوابي جو خطرو وڌي سگهي ٿو. ان کانسواءِ، گهڻا ماڻهو حقيقي زندگي جي مسئلن کان بچڻ لاءِ به وڊيو ڏسڻ ۾ گهڻو وقت گذارين ٿا، جيڪو نفسياتي دٻاءُ وڌائي سگهي ٿو.
ماهرن جو مشورو آهي ته جيڪڏهن مختصر وڊيوز ڏسڻ پسند آهي ته ان جو مدو محدود ڪيو وڃي ته جيئن دماغي صحت تي خراب اثر نه پئجي سگهجن. تنهنڪري، تفريح ضرور ڪريو، پر احتياط سان!