اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو خط اڃا تائين نه ڪنهن ڏٺو نه پڙهيو، خبر ناهي ڪهڙي ڪبوتر جي چُهنب ۾ آهي ۽ ڪٿي لهندو.
پنهنجي بيان ۾ عرفان صديقي چيو ته آرمي چيف نالي پي ٽي آءِ باني جو خط ان جي پراڻي افسوسناڪ سوچ جي ترجماني ڪري ٿو، ان خط جو ڪو جواب اچڻ ته پري جي ڳالهه رسيد به نه ايندي.
هن انڪشاف ڪيو ته عمران خان 2023 جي شروعات ۾ به جنرل عاصم منير نالي خط لکيو هو، جيڪو صدر عارف علوي ذريعي موڪليو ويو، ان جي به رسيد آئي نه جواب، اهو خط پي ٽي آءِ باني جي سخت مايوسي ۽ پريشاني جو ثبوت آهي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان هر هڪڙو در هر ٻيو در جو ٿڙڪائي، بي مقصد خط سان نه اڳ ۾ ڪجهه مليو نه هاڻ ملندو.
You might also like