ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر ڀارتي اداڪارا ۽ ٽي ايم سي جي پارليامينٽ ميمبر شتروگهن سنها ملڪ ۾ غير سبزي خور کاڌن، خاص طور تي ڳائي گوشت تي پابندي جي حمايت ڪندي چيو آهي ته ڀارت جهڙي گهڻ مذهبي ملڪ ۾ اهڙي قسم جو قانون لاڳو ٿيڻ وڏو چئلينج آهي.
هڪ بيان ۾ شتروگهن سنها مذهبي ۽ علائقائي اختلافن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ملڪ جي ڪيترن حصن ۾ ڳائي گوشت تي پابندي آهي، هو سمجهي ٿو ته نه رڳو ڳائي گوشت، پر ملڪ ۾ غير سبزي خور کاڌن تي به پابندي هئڻ گهرجي.
هن اتراکنڊ ۾ هڪجهڙو سول ڪوڊ (يو سي سي) لاڳو ڪرڻ واري عمل کي ساراهيندي چيو ته اهو طريقو سموري ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج آهي.
هن چيو ته اتراکنڊ ۾ يو سي سي جو لاڳو ٿيڻ هڪ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي، ملڪ ۾ يو سي سي ضروري آهي ۽ مون کي يقين آهي ته سڀ مون سان اتفاق ڪندا پر ان ۾ ڪيئي خاميون پڻ آهن.
هن خاص طور تي خبردار ڪيو ته اتر ڀارت ۾ لاڳو ٿيندڙ قانون، اتر اوڀر واري رياستن لاءِ مناسب نه ٿو ٿي سگھي، ڇو ته ان خطي جي ثقافت ۽ روايتون مختلف آهن.
يو سي سي جو مقصد سمورن مذهبي برادرين لاءِ شادي، طلاق، ملڪيت ورهائڻ ۽ هنج وٺڻ جهڙن ذاتي معاملن تي هڪ ئي قانون ٺاهڻ آهي، پر شتروگهن سنها چيو ته اهڙي قانون کي قومي سطح تي لاڳو ڪرڻ کان اڳ احتياط ۽ وسيع مشاورت جي ضرورت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته يو سي سي قانون ترتيب ڏيڻ کان اڳ سمورن پارٽين جي گڏجاڻي ٿيڻ گهرجي ۽ هر هڪ کان سندس راءِ ۽ خيالن بابت مشورو ڪرڻ گهرجي.
You might also like