رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب واضح ڪيو آهي ته فلسطيني رياست جي قيام بنا اسرائيل سان لاڳاپا قائم نه ڪنداسين.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي ردعمل ۾ سعودي پرڏيهي وزارت چيو ته فلسطيني رياست جي قيام تائين سعودي عرب اسرائيل سان لاڳاپا قائم نه ڪندو، ان حوالي سان سعودي عرب جو موقف واضح آهي.
پرڏيهي وزارت چيو ته سعودي ولي عهد سلطنت جي موقف کي کليل ۽ واضح انداز ۾ تصديق ڪري ٿو، سعودي عرب جي موقف جي ڪنهن به حالتن ۾ ڪنهن تشريح جي اجازت ناهي، فلسطينين بابت سعودي عرب جي موقف تي ڳالهائي ئي نٿو سگهجي.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته پنهنجي منصوبي کانپوءِ غزا ۾ سڄي دنيا جي ماڻهن کي آباد ٿيندي ڏسان ٿو، مان اسرائيل، غزا ۽ سعودي عرب جو دورو ڪندس، سعودي عرب مددگار ثابت ٿيندو، اميد ته جنگبندي برقرار رهندي.
You might also like