ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ کلاڙي اڪشي ڪمار طويل ناڪامين کانپوءِ آخرڪار ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. سندس تازو رليز ٿيل فلم ”اسڪاءِ فورس“ ٻن هفتن دوران ڀارت سميت سڄي دنيا مان 153 ڪروڙ رپيا ڪمائي چڪي آهي.
پروڊڪشن هائوس ميڊ ڊوڪ فلمز سومر تي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي باڪس آفيس ڪليڪشن جو ڊيٽا شيئر ڪئي.
ميڊ ڊوڪ فلمز موجب، اسڪاءِ فورس ڏهن ڏينهن دوران سڄي دنيا ۾ مجموعي طور تي 153 ڪروڙ ڀارتي رپيا ڪمائي چڪي آهي.
واضح رهي ته جاري ڪيل انگ اکر رڳو آچر تائين جا آهن.
اسڪاءِ فورس 24 جنوري تي سِينما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ اڪشي ڪمار سان گڏ ساجد علي خان، نمرت ڪور ۽ وير پهاڙيه مک ڪردار ادا ڪيو آهي.
سنديپ ڪيولاڻي ۽ اڀيشيڪ انيل ڪپور جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم جي ڪهاڻي 1965 جي پاڪ-ڀارت جنگ دوران پاڪستان جي شهر سرگوڌا جي ايئربيس تي حملي تي آڌاريل آهي.