دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پاڪستان ۾ شيڊيول چيمپئنز ٽرافي لاءِ رڪني ميچ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪو به ڀارتي امپائر شامل ناهي.
آءِ سي سي 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ جاري رهندڙ ميگا ايونٽ لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، پاڪستان ۾ ڪراچي، لاهور، راولپنڊي ۽ گڏيل عرب امارات ۾ دبئي ۾ شيڊيول ميچن لاءِ 12 امپائرز خدمتون انجام ڏيندا.
108 ميچن ۾ امپائرنگ جا ذميواراڻا انجام ڏيندڙ رچرڊ ڪئٽلبرو، جنهن 2017ع واري فائنل ۾ پڻ امپائرنگ ڪئي هئي، جي چيمپئنز ٽرافي لاءِ واپسي ٿي آهي.
اهڙي طرح 2017ع واري ٽورنامينٽ دوران امپائرنگ ڪندڙ ڪرس گئفني، ڪمار ڌرما سينا، رچرڊ ايلنگ ورٿ، پال ريفل ۽ روڊ ٽڪر پڻ امپائرز پينل ۾ شامل آهن.
ان کانسواءِ ميگا ايونٽ لاءِ مائيڪل گف، ايڊرين هولڊسٽڪ، احسن رضا، شرف الدولا ابنِ شاهد، اليڪس وارف ۽ جوئل ولسن به امپائر هوندا.
ٽورنامينٽ لاءِ ڊيوڊ بون، رنجن مدوگالي، اينڊريو پائڪرافٽ ميچ ريفري طور خدمتون سرانجام ڏيندا.
ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، ڀارت طرفان ميچ آفيشلز لاءِ ٻن امڪاني اميدوارن اڳواٽ ئي آءِ سي سي کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته هو پاڪستان جو دورو نٿا ڪري سگهن.
رپورٽ موجب، آءِ سي سي جي ميچ ريفري جواگل سري ناٿ ۽ امپائرن جي ايليٽ پئنل ۾ شامل نتن مئنن گڏيل طور تي چيو هو ته هو پاڪستان ۾ چيمپئنز ٽرافي دوران آءِ سي سي جي ڪا به ذميواري ادا نه ڪري سگهندا.
ان کان اڳ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) طرفان ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ واري فيصلي کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ آءِ سي سي وچ ۾ معاملو ڊگهي عرصي تائين بحث هيٺ رهيو، جنهن کانپوءِ چيمپئنز ٽرافي هائبرڊ ماڊل تحت ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو.
هائبرڊ ماڊل تحت چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ کيڏي ويندي، ڀارت پنهنجون سڀئي ميچون دبئي ۾ کيڏندو.
ڀارت جي فائنل ۾ پهچڻ جي صورت ۾ ايونٽ جو فائنل پڻ دبئي ۾ ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڀارت فائنل لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهيو ته چيمپئنز ٽرافي جو فائنل 9 مارچ تي لاهور ۾ ٿيندو.
اهڙي ريت ساڳئي ماڊل تحت پاڪستان ڀارتي شيڊيول آءِ سي سي ايونٽ ۾ پنهنجون ميچون نيوٽرل مقام تي کيڏندو.
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ميچ آفيشل جو اعلان، ڀارتي ريفري ۽ امپائر جو به پاڪستان اچڻ کان انڪار
You might also like