ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ روينيو بورڊ زرعي شعبي تي ٽيڪس بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
سنڌ روينيو بورڊ موجب 6 لک تائين سالياني آمدني تي انڪم ٽيڪس کان ڇوٽ هوندي پر 6 کان 12 لک رپين تي 15 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو، جڏهن ته 16 کان 32 لک سالياني آمدني تي 30 سيڪڙو ٽيڪس ۽ هڪ لک 70 هزار فڪس وصولي ٿيندي.
روينيو بورڊ موجب 32 کان 56 لک آمدني تي 40 سيڪڙو ٽيڪس ۽ 6 لک 50 هزار فڪس وصولي هوندي، جڏهن ته 56 لک کان وڌيڪ سالياني آمدني تي 45 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو هوندو ۽ 16 لک 10 هزار فڪس وصولي هوندي.
ان کانسواءِ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس به لڳندو ۽ 15 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي هڪ سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳندو.
سنڌ روينيو بورڊ موجب ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ ننڍين ڪمپنين تي 20 ۽ وڏين ڪمپنين تي 29 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو.
روينيو بورڊ جو چوڻ آهي ته پوکي تي ايڊوانس انڪم ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي ۽ لائيو اسٽاڪ سيڪٽر تي ٽيڪس جي ڇوٽ برقرار رهندي، ٽيڪس ڪليڪشن ۽ فائلنگ جو نظام آٽوميٽڊ هوندو.
You might also like