لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي ۾ 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد بازيگر پل ويجهو شيخ ۽ چانڊيا برادري ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ شيخ برادري جا عورت سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ امير علي شيخ، بخشل شيخ، ارشاد علي، مجاھد علي، محرم شيخ، عورت حسينه خاتون شيخ ۽ ٻيا شامل آهن.
شيخ برادري جي ماڻهن ايس ايس پي چوڪ بند ڪري ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته خالد چانڊيو، علي نواز چانڊيو ۽ ٻين حملو ڪري زخمي ڪيو آهي، اطلاع باوجود پوليس نه پهتي.
You might also like