ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف جي شرطن تي زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان وڏي وزير مراد علي شاهه اسيمبلي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو.
ذريعن موجب پ پ قيادت جي هدايت تي زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ لاءِ پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مراد علي شاهه پارلياماني پارٽي کي زراعت تي ٽيڪس بابت قانون سازي کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جي شرطن تي زرعي ٽيڪس لڳائڻ ضروري آهي.
ذريعن موجب مراد علي شاهه اسيمبلي ميمبرن کي ٻڌايو ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه زرعي ٽيڪس بابت قانون سازي ڪري چڪا آهن.
هوڏانهن مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ زرعي ٽيڪس بابت قانوني مسودي جي منظوري ڏني ويندي.
You might also like