گڏيل عرب امارتن ۾ ويندڙ پاڪستانين لاءِ خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن ٻنهي ملڪن وچ ۾ فلائيٽس جو انگ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
ان مقصد لاءِ پاڪستان جي ايئر سيال ۽ هنگري جي ويز ايئر ٻنهي ملڪن وچ ۾ اڏامون هلائينديون.
سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمذي موجب اها اڳڀرائي ٻنهي ملڪن جي مضبوط ۽ پائيدار لاڳاپن جي نشاندهي ڪري ٿي.
هن چيو ته معاهدي تحت پاڪستان جي نجي ايئرلائن ايئر سيال جلد ملڪ جي ٽن شهرن مان ابو ظهبي لاءِ پنهنجا آپريشنز شروع ڪري رهي آهي، جڏهن ته ويز ايئر ابو ظهبي ۽ پاڪستان جي ٻن شهرن وچ ۾ فلائيٽس هلائيندي، جنهن سان مسافرن کي سستي سفر جي سهولت ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.