ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٿڌ جي لهر اچڻ جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزئي نگارن موجب شهر ۾ اڄ کان هوائن جو رُخ تبديل ٿي ويو آهي ۽ هاڻ هوائون اتر اولهه جي پاسي کان هلي رهيون آهن.
تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته هوائن جو رُخ تبديل ٿيڻ سان هوا ۾ گهم جي شرح به گهٽي آهي.
تجزئي نگارن موجب سڀاڻي کان ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت وڌڻ جو امڪان آهي، اڄ رات گهٽ کان گهٽ گرمي پد 14 کان 11 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.
You might also like