بگ باس ۾ ٻيهر شرڪت جي آڇ ٿي پر انڪار ڪيم: وينا ملڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا ۽ ميزبان وينا ملڪ دعويٰ ڪئي آهي ته کيس مشهور ڀارتي ريئلٽي شو بگ باس ۾ ٻيو ڀيرو شرڪت جي آڇ ٿي پر هن انڪار ڪري ڇڏيو.
هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وينا ملڪ چيو ته مان اها آڇ ان ڪري رد ڪئي، ڇو ته مان پنهنجي ٻارن کي وقت ڏيڻ چاهيو.
هن چيو ته هر اداڪار جي خواهش هوندي آهي ته بالي ووڊ جي خانز سان ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي پر مان خاص طور شاهه رخ خان سان ڪم ڪرڻ چاهينديس.
سندس چوڻ هو ته جڏهن مان ڀارت ۾ هيس ته سلمان خان، عامر خان ۽ شاهه رخ خان سميت ڪيترن ئي مشهور اداڪارن سان ملي هيس.
وينا ملڪ چيو ته مان سلمان خان سان ان جي فارم هائوس تي به ملي هيس پر ڪڏهن انهن ملاقاتن کي وڌائي پيش ناهي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.