ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان سان دبئي ۾ هڪ پاڪستاني مداح ملاقات ڪئي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
شاهه رخ خان تازو گلوبل وليج ڪلچرل سينٽر ۾ ٿيندڙ هڪ ايونٽ ۾ شرڪت ڪئي هئي، جتي هن پنهنجي مشهور گانن تي پرفارمنس به پيش ڪئي، جڏهن ته ڪيترن ئي مداحن سان پڻ مليو، جن ۾ پاڪستاني مداح عورت به شامل هئي.
پاڪستاني مداح عورت اسٽيج تي اچي شاهه رخ خان سان ملاقات ڪئي ۽ کيس چيو ته سڄو پاڪستان توهان کي چاهيندو آهي.
You might also like