گال (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي اوپنر عثمان خواجا ۽ ڪپتان اسٽيو سمٿ جي جوڙي ٽيسٽ ۾ 46 سالن جو پراڻو رڪارڊ ٽوڙي نئين تاريخ لکي ڇڏي.
سريلنڪا خلاف جاري ٽيسٽ ۾ عثمان خواجا ۽ اسٽيو سمٿ ٽين وڪيٽ لاءِ 266 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، جيڪا ايشيا جي ميدانن تي سڀ کان وڏي ڀائيواري آهي.
ٽين وڪيٽ جي ڀائيواري ۾ عثمان خواجا جون 121 ۽ اسٽيو سمٿ 141 رنسون شامل هيون.
ان کان اڳ آسٽريليا طرفان ايلن بارڊر ۽ ڪم هيوز 1979 ۾ چنئي ۾ ڀارت خلاف ٽين وڪيٽ لاءِ 222 رنسون ٺاهيون هيون.
You might also like