گال (ويب ڊيسڪ) گال ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ آسٽريليا جبل جو اسڪور ٺاهي ميزبان سريلنڪا کي ڏکيائين ۾ وجهي ڇڏيو.
آسٽريليا پهرين اننگز 6 وڪيٽن جي نقصان تي 654 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي، جڏهن ته سريلنڪا ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين 3 وڪيٽن جي نقصان تي 44 رنسون ٺاهيون آهن.
آسٽريليا طرفان پهرين اننگز ۾ عثمان خواجا 232، ڪپتان اسٽيو سمٿ 141 ۽ جوش انگلس 102 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي.
اسڪور 6 وڪيٽن جي نقصان تي 654 تي پهتو ته آسٽريليا اننگز ڊڪليئر ڪئي وئي، ايليڪس ڪيري 46 ۽ مچل اسٽارڪ 19 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا.
ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين سريلنڪا پهرين اننگز ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 44 رنسون ٺاهيون، دنيش چنديمل 9 ۽ ڪميندو مينڊس 13 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.
گال ٽيسٽ ۾ ڪينگروز لنڪن بالرن جو ساهه سُڪائي ڇڏيو، خواجا، سمٿ ۽ انگلس جون سنيچريون، ميزبان مشڪل ۾
Prev Post
You might also like