شعبان جي چنڊ بابت اعلان ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ شعبان المعظم 1446 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو.
چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان شاهديون گڏ ڪيون ويون.
اجلاس کانپوءِ مولانا عبدالخبير آزاد اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ شعبان جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ۽ سڀاڻي جمعي تي پهرين شعبان هوندي.
هن ٻڌايو ته شب برآت 13 فيبروري خميس تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.