ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين خالد مقبول صديقي چيو آهي ته واپارين سان گفتگو ۾ بلاول جو لهجو ڌمڪي جوڳو هو.
پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته توهان چئو ٿا پرچيون اچڻ بند ٿي ويون آهن، اڄ روز جي بنياد تي ڀتو طلب ڪيو پيو وڃي، نه ڏيڻ تي قتل ڪيا پيا وڃن، لياري گينگ وار جي سڄي دنيا کي خبر آهي، لياري گينگ وار ذريعي شهر کي يرغمال بڻايو ويو، توهان واپارين سان ملاقات ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي معافي ڇو نه ورتي.
هن چيو ته توهان جي اچڻ کانپوءِ ڪراچي شهر جنهن شڪل ۾ آهي ان جي وضاحت ته ڪيو، توهان سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ڪراچي کي تباهه ڪري رهيا آهيون، اسان کي لڳو ته توهان واپارين جي شڪايتن جو ازالو ڪندئو پر توهان جو لهجو ڌمڪي وارو هو.
سندس چوڻ هو ته هڪ مصنوعي اڪثريت 15 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، ٽن صوبن ۾ حڪومتون تبديل ٿينديون رهيون آهن پر سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي تي 15 سالن کان هڪ جماعت جي حڪومت آهي.
خالد مقبول صديقي چيو ته سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن جي ورهاست لساني بنيادن تي ڪئي وئي، درست مردم شماري ٿئي ها ته اصل آبادي سامهون اچي وڃي ها.
”بلاول جو واپارين سان لهجو ڌمڪي وارو هو، مصنوعي اڪثريت 15 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي“
Next Post
You might also like