ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي قبرستانن لاءِ 2500 ايڪڙ زمين مختص ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڪمشنر ڪراچي کي زمين جي نشاندهي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقاءُ الله انڙ، ايڊيشنل گهرو چيف سيڪريٽري محمد اقبال ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، سيڪريٽري امپليمينٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن شهاب قمر انصاري ۽ سمورن ڊويزنل ڪمشنرن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران چيف سيڪريٽري سنڌ ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته قبرستانن لاءِ زمين جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ روينيو کاتي کي باضابطا ريفرنس موڪليو وڃي.
هن چيو ته سڀني هائوسنگ سوسائٽين کي مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجي ماسٽر پلان ۾ قبرستانن لاءِ جاءِ مختص ڪرڻ گهرجي، آبادي جي تيزي سان وڌندڙ شرح ۽ شهري پکيڙ سبب موجوده قبرستان جي جڳهه ڪافي ناهي رهي، تنهن ڪري هي قدم ڊگهي مدي جي منصوبابندي لاءِ انتهائي اهم آهي.
چيف سيڪريٽري چيو ته اهو فيصلو ڪراچي تائين محدود نه هوندو، سمورا ڊويزنل ڪمشنر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به قبرستانن لاءِ زمين جي نشاندهي ڪن.
اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سمگلنگ کي روڪڻ لاءِ صوبي ۾ 13 اينٽي سمگلنگ ڊجيٽل انفورسمينٽ اسٽيشنز ۽ 10 گڏيل چيڪ پوسٽون قائم ڪيون وينديون.
چيف سيڪريٽري اختيارين کي هدايت ڪئي ته سرڪاري زمينن تي غير قانوني قبضن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
You might also like