ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نوجوان جي محبت ۾ گرفتار ٿي پاڪستان آيل آمريڪي عورت کي هڪ شخص شادي جي آڇ ڪري ڇڏي.
آمريڪي عورت سان شادي ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي شهري مشروط رضامندي ظاهر ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا تي سامهون ايندڙ هڪ وڊيو ۾ شهري پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته منهنجو نالو عبدالرحيم آهي، پيشي جي اعتبار سان هن وقت ڊرائيور آهيان پر رٽائرڊ ملازم به آهيان.
هن چيو مان پنهنجي زال کي به ميسيج ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن اجازت ڏئين تي ٻي شادي ڪندس، هونئن اسلام ۾ زال کان ٻي شادي جو پڇڻ ضروري ناهي پر پوءِ به مان گهرواري کي ٻڌايو آهي.
عبدالرحيم چيو ته منهنجو رڳو هڪ ئي شرط آهي ته جيڪڏهن آمريڪي عورت عيسائي يا هندو آهي ته مسلمان ٿي وڃي.
You might also like