ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري سلمان چوڌري کي ڊي جي ايف آءِ اي مقرر ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري سلمان چوڌري کي ڊي جي ايف آءِ اي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سلمان چوڌري ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري طور فرض نڀائي رهيو آهي، جڏهن ته هو آءِ جي موٽر وي پوليس به رهيو آهي.
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا کان نئين ڊي جي ايف آءِ اي جي نالي جي منظوري ورتي ويندي.
واضح رهي ته احمد اسحاق جهانگير کي ٻيڙي حادثن ۽ ملڪ مان غير قانوني هجرت جي روڪٿام ۾ ناڪامي تي ڊي جي ايف آءِ اي جي عهدي تان هٽايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.