”نواز شريف ۽ مريم ڳالهين جي ناڪامي جي مشن ۾ ڪامياب ٿي ويا“

پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪي پي حڪومت جي صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز ڳالهين جي ناڪامي جي مشن ۾ ڪامياب ٿي ويا.
پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ ڳالهين جي معاملي تي بيرسٽر سيف چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ انهن جو گروپ ڳالهين جي ناڪامي تي خوشي ۾ نه پيو ماپي.
هن چيو ته نواز شريف عرفان صديقي کي ڳالهين جي ناڪامي جو هدف ڏنو هو، عرفان صديقي جي بيانن مان حڪومت جي غير سنجيدگي واضح هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.