لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف 8 فيبروري تي مينار پاڪستان تي جلسي جو فيصلو ڪري ورتو، جنهن لاءِ لاهور انتظاميا کي درخواست ڪئي وئي آهي.
پي ٽي آءِ پنهنجي سياسي قوت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ مينار پاڪستان تي جلسي جو فيصلو ڪيو آهي، 8 فيبروري تي جلسي لاءِ چيف آرگنائيزر عاليا حمزا کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جلسي جي اجازت لاءِ ڊي سي لاهور کي لکت ۾ درخواست ڏني وئي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ 8 فيبروري تي گريٽر اقبال پارڪ گرائونڊ ۾ جلسو ڪرڻ چاهي ٿي، اين او سي ڏنو وڃي.
ذريعن موجب جلسي جي اجازت نه ملڻ جي صورت ۾ تحريڪ انصاف طرفان سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.
You might also like