ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلوڪار، ليکڪ ۽ موسيقار علي حيدر سوشل ميڊيا تي مقبول چاهت فتح علي خان سان گانو ڳائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
علي حيدر تازو هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ميزبان جي دلچسپ سوالن جو جواب ڏنو.
ميزبان سوال ڪيو ته جيڪڏهن مان 20 ڪروڙ ڏيان ته ڇا توهان چاهت فتح علي خان سان گڏجي گانو ڳائيندئو؟ ان تي علي حيدر چيو ته مان نه ڳائيندس.
گلوڪار چيو ته چاهت کي پنهنجي زندگي گذارڻ ڏيو، هي ان جو وقت آهي، توهان نٿا ڄاڻيو ته الله پاڪ ان جي ڪهڙي دعا پوري ڪئي آهي، تنهن ڪري ان جي ۽ الله جي وچ ۾ نه اچو، توهان ان کي مشڪرو يا به جيڪو به چئو پر ان کي جيئڻ ڏيو.
You might also like