اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بينچون مقرر ڪرڻ جي ڪيس ۾ جسٽس منصور علي شاهه سميت 2 رڪني بينچ پاران فل ڪورٽ جوڙڻ جو آردر چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وفاقي حڪومت جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل بينچ طرفان بينچز مقرر ڪرڻ جي ڪيس ۾ فل ڪورٽ جوڙڻ جي آرڊر کي چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اٽارني جنرل آئيني بينچ کي وفاقي حڪومت جي فيصلي کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته جسٽس منصور علي شاهه پاڻمرادي نوٽيس جو اختيار استعمال ڪيو پر هو اهو اختيار استعمال نٿو ڪري سگهي.
اٽارني جنرل چيو ته غير آئيني فيصلو هجڻ سبب وفاقي حڪومت ان کي چيلينج ڪندي.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ۽ ججز آئيني ڪميٽي جڊيشل آرڊر کي نظرانداز ڪيو، چيف جسٽس ان معاملي تي فل ڪورٽ جوڙي.
You might also like