ٽرمپ جي اميگريشن پاليسي تي سلينا گومز روئي ڏنو، وڊيو وائرل

مشهور گلوڪارا ۽ اداڪارا سلينا گومز آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اميگريشن پاليسي تي افسوس جو اظهار ڪندي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي وائرل ٿي وئي.
سلينا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ هڪ جذباتي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي ماڻهن کي ٽرمپ جي اميگريشن پاليسي سبب دربدر ٿيندي ڏسي روئي رهي آهي.
32 ورهين جي اداڪارا وڊيو سان گڏ ميڪسيڪن پرچم جو ايموجي ۽ ”مون کي افسوس آهي“ جو ڪيپشن استعمال ڪيو.
وڊيو ۾ سلينا گومز اميگريشن مسئلي تي پنهنجي بي وسي جو اظهار ڪندي چئي ٿي ته ”منهنجا ماڻهو، خاص طور تي ٻارڙا ۽ عورتون حملن جو شڪار ٿي رهيا آهن، مان ڪجهه نٿي ڪري سگهان پر مان هر ممڪن ڪوشش ڪنديس.“
واضح رهي ته اها وڊيو ڪجهه دير کانپوءِ ڊليٽ ڪئي وئي پر اها وائرل ٿي چڪي هئي.
بعد ۾ سلينا هڪ ٻئي پيغام ۾ لکيو ته ”شايد ٻين لاءِ همدردي ظاهر ڪرڻ غلط سمجهيو وڃي ٿو.
سندس ٻيو پيغام پهرئين بيان تي ٿيندڙ تنقيد ڏانهن اشارو ڪري رهيو هو.
ياد رهي ته سلينا گومز جي اها پوسٽ اميگريشن اينڊ ڪسٽمز انفورسمينٽ جي تازي آپريشن کانپوءِ سامهون آئي، جنهن ۾ ٽي ڏينهن دوران 956 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو هو.
اميگريشن حقن جي حامي گومز 2019 ۾ نيٽ فلڪس جي ڊاڪيومينٽري (Living Undocumented) پروڊيوز ڪئي هئي ۽ ان ۾ پنهنجي خاندان جي اميگريشن جي ڪهاڻي دنيا کي ٻڌائي هئي، جنهن ۾ هن پنهنجي ڏاڏَي، ڏاڏِي۽ پيءَ جي آمريڪي سفر جو احوال بيان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.