اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم هڪ خط جي بنياد تي ڪئي وئي ۽ منهنجو خيال آهي ته 26هين آئيني ترميم کي سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بينچ ئي ٻڌندي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته شخصي آزادين سميت جنهن قسم جا مسئلا آهن، سڀني کي نظر اچي رهيا آهن، شخصي آزادي جو تحفظ ڪندڙ ميڊيا جي به ضرورت آهي.
هن چيو ته اسان کي اپ رائيٽ وڪيلن جي ضرورت آهي، جيڪي بعد ۾ اپ رائيٽ جج بڻجندا آهن، هن بار ۾ گهڻي قابليت آهي، وڪيلن جي ڪارڪردگي بهتر ٿي رهي آهي، ججن کان به غلطيون ٿينديون آهن ۽ وڪيلن کان به ٿينديون آهن پر اسان جي وڪيلن گذريل 10 سالن ۾ گهڻو امپروو ڪيو آهي، اسان کي اهي آزاد جج گهرجن، جيڪي عدليا جو تقدس برقرار رکن.
سندس چوڻ هو ته 26هين آئيني ترميم هڪ خط جي بنياد تي ڪئي وئي آهي، ڀلي 26هين آئيني ترميم ئي هجي، توهان کي پنهنجي ارادن کان مايوس نٿا ڪري سگهن، اهڙي قسم جا مرحلا پاڪستان جي تاريخ ۾ ايندا رهندا آهن، ماڻهن کي اڄ عدليا، پارليامينٽ ۽ ميڊيا مان اميد آهي.
جسٽس محسن اختر ڪياني چيو منهنجي خيال ۾ 26هين آئيني ترميم سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بينچ ئي ٻڌندي، اهو ايشو پاڪستان جي عوام ۽ نظام جي بقا لاءِ حل ٿيندو.
You might also like