حقِيقتن جهڙِي اُجرِي ’سپنا‘ جِي ڇهِين سارَ

تحرير: ياسر قاضي

ڪلهه 27هين جنوري گذرِي… 6 سال اڳ ان ڏينهن تي منهنجي ننڍپڻ جِي ”ڪرائِيم پارٽنر“ مُونکان اوچتو وڇڙِي وئي. جنهن جِي نه وڃڻ جِي مُندَ هُئي، نه وڇوڙي جِي عُمر… نه ڪو ايڏين بيمارين کيس وڪوڙيو هو جو سندس اوچتي وڇوڙي جو ڪو جواز سمجھه ۾ اچي! سندس وڇوڙو به زندگيءَ جي ڪجھه نه سمجھه ۾ ايندڙ تلخ حقيقتن منجھان هڪ ثابت ٿيو. اڄ پوئتي پيو نهاريان ته 6 سالن جي اها وٿِي ڪلهه جِي ڳالهه ٿي ڀاسيمِ. هوءَ ڪاڏهون آئي؟ ڪيڏانهن هلي وئي!؟ ايڏي ٿوري عرصي لاءِ ڇو آئي!؟ ايڏو جلدي ڇو هن جهانَ جون رنگينيُون ڇڏي هلي وئي!؟ ناصر ڪاظميءَ بقول ”ڪِڌر سي آيا، ڪِڌر گيا وه… مجھي تو حيران ڪَر گيا وه…“

آءٌ جنهن جو ذڪر ڪريان پيو، اها نياڻي سنڌ جي نامياري شاعرَ، عالمَ، اديب، دانشورَ ۽ سچل جي شارحَ مقصُود گل جِي وَڏوَر ڌيءَ… گلنار بدر جي پهريٺي اولاد… منهنجي وڏي ڀيڻَ… جڳَ لاءِ پروفيسر نائله گل ”سپنا“ قاضيءَ جي سُڃاڻ رکندڙ ۽ سڄي ڪُٽنب توڙي عزيزن قريبن جِي لاڏلِي ــ ’گُڏِي‘… اسان هڪٻئي پُٺيان ڄاواسين ۽ پنهنجي پيءُ ماءُ جو پهريون اولاد هئاسين ۽ سڀني جي اکين جا تارا هئاسين. سڀ گھر ڀاتي هن کي ’گُڏِي‘ ۽ مُونکي ’گُڏو‘ سڏيندا هئا. نائله مونکان 13 مهينا وڏي هئي. هڪٻئي پٺيان ڄمڻ سبب اسان ۾ بظاهر جھيڙا به ڏاڍا ٿيندا هئا، پر اسان ٻنهي جي هڪٻئي کانسواءِ سَرندي به ڪانه هئي. اسانجي پاڻ ۾ نه نظر ايندڙ اٿاهه محبت اسانکي هڪٻئي کان ڌار به رهڻ ڪانه ڏيندي هئي. ننڍي لا اسانجي راند رُوند به گڏ هوندي هئي ته کائڻ پيئڻ به گڏ! هُن جڏهن 5 سالن جي عمر ۾ اسڪول وڃڻ شروع ڪيو ته منهنجِي به گھر ۾ اڪيلي دل ڪانه لڳندي هئي. مون به انگل ڪيو ته آءٌ به ساڻس گڏ اسڪول ويندس. هُن کي اسڪول جو ٿيلهو وٺي ڏنو ويو… ته مونکي به کپي! هُن کي سليٽ وٺي ڏني وئي ته مون به ساڳيو تقاضو ڪيو. هُن کي پَٽي وٺي ڏني وئي ته مون به مطالبو سامهون رکيو… مطلب ته جيڪو ڪجھه نئين اسڪول ويندڙ ٻار طور گُڏيءَ ڪيو ٿي، مون به سڀ ڪُجھه اهو ئي ٿي ڪيو. نتيجي طور جيڪو ڪجھه ڪلاس ۾ هُن پرايو، ظاهر آهي ته مُون به پرايو. جنهن ڏينهن اسڪُول ۾ ’پَڪن امتحانن‘ جو ڏينهن آيو ته ’وڏي صاحب‘ (ايجوڪيشن سُپروائيزر) گُڏيءَ ۽ سڄي ڪلاس جي ٻارن سميت مونکان به زباني امتحان ورتو، جنهن ۾ پُڇيلَ سوالن جا مُون ٺيڪ ٺيڪ جواب ڏنا، پر منهنجو نالو اسڪولي رجسٽر ۾ داخل ئي نه هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت منهنجي عمر اڃا 4 سال هئي. هي سڄو سال ته مان رڳو شوق ۾ گُڏيءَ سان ڪمپنيءَ جي بهاني پَڙهيو هئم. ان وقت ان ’وڏي صاحبَ‘ جي سفارش تي ئي منهنجي عمر هڪ سال وڌائي لکرائي مونکي ساڳئي ڏينهن اسڪول داخل ڪري ان ئي ڏينهن پهرين ڪلاس جو امتحان پاس ڪرايو ويو. يعني گُڏيءَ 5 سالن جي عمر ۾ ۽ مُون 4 سالن جي ڄمار ۾ پهريون درجو گڏ پاس ڪيو.

8 ڊسمبر 1977ع تي پنهنجي ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر نئين ديري ۾ پنهنجي ناناڻي گھر جنم وٺندڙ نائله جو بابا اصل ۾ نالو، فلسطيني انقلابي پائلٽ ”ليلا خالد“ جي نالي پويان ”ليلا“ پئي رکڻ گھريو، پر ڏاڏا سائينءَ انڪري ان نالي جِي مخالفت ڪئي جو ”ليلا“ نالي جو مطلب ”رات جهڙي“ (سانوري) آهي، انڪري ابُوءَ ”ليلا“ ۾ ٿوري ترميم سان سندس نالو ”نائله“ رکيو، جنهن سان ابوءَ جي نالي جي نسبت سان ”گُل“ ڳنڍجڻ سان سندس نالي جي سُونهن هيڪاندِي وڌي وئي ۽ هُوءَ ”نائله گُل“ سڏجڻ توڙي لکجڻ لڳِيس. اڳتي هلي جڏهن هُن ساهت جي دنيا ۾ پير پاتو ته پنهنجي لاءِ پنهنجي ئي مرضيءَ سان ”سپنا“ نانءٌ (تخلص) چُونڊيائين. 1987ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول نمبر 2 رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي مان پنجين درجي جو امتحان پاس ڪري، 1992ع ۾ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول رتيديري مان ميٽرڪ، 1994ع ۾ گورنمينٽ گرلز هاير سيڪنڊرِي اسڪول رتيديري مان انٽرميڊيٽ سائنس، 1997ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتيديري مان ’بي ايس سِي‘ ۽ 2000ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس جي ڊگري فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن جي امتيازي حيثيت ۾ پاس ڪيائين. ساڳئِي ڊگري مون هڪ سال پوءِ ساڳئي يونيورسٽيءَ مان ساڳئي پوزيشن ۾ حاصل ڪئي. اهڙا موقعا سنڌ ۾ گھٽ آيا هوندا ته ٻن ڀيڻ ڀاءُ ساڳئي مضمون ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊگريءَ جو ’فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن‘ جو گولڊ ميڊل ساڳئي ڪانووڪيشن ۾ گڏ ورتو هجي. اها اسان کان وڌيڪ يقيناً اسانجي والدين لاءِ انمول ۽ مبارڪ ساعت هوندي. ايم. اي. (فائنل) لاءِ نائله جو لکيل سسئيءَ جي اڏول ۽ امر ڪردار جي شاهه لطيف وٽ اپٽار جي بيان تي ٻڌل تحقيقي مونوگراف ”ڳوليان ڳوليا مَ لهان“، سندس نثري ڪرافٽ جو اعليٰ نمونو آهي، جيڪو هن نامياري لطيف شناس محققَ سائين ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جي نگرانيءَ ۾ لکيو هو.

1995ع ۾ رتيديري ۾ جڏهن مقصود گل صاحب پنهنجي والد جي علم ۽ عمل جي لاٽ کي ٻاريندو رکڻ لاءِ سندس نالي پٺيان ماڊل اسڪول قائم ڪيو ته نائله پنهنجي بابا سان ان اسڪول ۾ تعليمي توڙي انتظامي معاملن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿِي بيٺي ۽ هِن تعليمي اداري کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ ۾ سندس ڀرپور ساٿ ڏنائين. ان اسڪول پاران جڏهن سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ادب جي واڌاري لاءِ ”گلدستو“ نالي رسالي جو اجراء ٿيو ته سپنا ان جي اسسٽنٽ ايڊيٽر طور رسالي جي سهيڙ توڙي تدوين ۾ انتهائي متحرڪ ڪردار ادا ڪري ٻارن جي ادب جي واڌاري ۾ پنهنجو اهم حصو ڳنڍيو. 2007ع ۾ هوءَ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي ۾ سنڌيءَ جِي ليڪچرار مقرر ٿي. سندس پهرين پوسٽنگ ’اَپوا گرلز ڪاليج ڪراچيءَ‘ ۾ ٿي، پر ستت ئي سندس تبادلو گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ڪيو ويو، جتي هوءَ ڪيترائي سال علم جُون ڏياٽيون روشن ڪندي رهي. ان وچ ۾ لاڙڪاڻي ۾ جڏهن گورنمينٽ نصرت ڀٽو گرلز ڊگري ڪاليج جو قيام عمل ۾ آيو ته نائله ان جي به پهرين فيڪلٽي ٽيم ۾ شامل رهي ۽ هن نئين ڪاليج جي ناماچار ۾ پنهنجو حصو ڳنڍيائين.

سپنا جيتوڻيڪ شاعري به جھجِھي ڪئي، پر سندس نثر بيحد حسِين هو. کيس پنهنجي ڳالهه سمجھائڻ لاءِ قاريءَ جو توجهه حاصل ڪرڻ جو هنر هو، جنهنڪري هوءَ پنهنجي ڳالهه اثرائتي نموني سان مختصر مضمون ۾ بيان ڪرڻ جِي صلاحيت رکندي هئي. خوشخط هجڻ سبب سندس خطاطي ۽ عمومي ڊرائنگ به ڪمال جي هئي. شاگرديءَ واري زماني کان مباحثن ۾ شرڪت سبب هوءَ هڪ اثردار مقرر به هئي. مسلسل مطالعي سندس گفتار ۾ اها طاقت ڏني هئي، جو هوءَ ڪنهن به موضوع تي پنهنجي مُدلل گفتگوءَ سان سامعين کي پنهنجن دليلن سان قائل ڪري وٺندي هئي. خوش گُلو هجڻ سبب هوءَ ڪاليج جي مختلف پروگرامن ۾ شاهه جون وايون، نعتون ۽ ٻيا لوڪ گيت انتهائي سُريلي انداز ۾ ڳائي ڀرپور داد وصول ڪندي هئي. استاد جي حيثيت سان هن اهي سموريُون خوبيُون پنهنجي شاگردياڻين ۾ منتقل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ ڪلاس ۾ ٻارن کي سنڌي شعر توڙي نثر پاڙهڻ سان گڏوگڏ منجھن هم نصابي سرگرمين جو شوق پيدا ڪرڻ توڙي مختلف موقعن جي مناسبت سان گھربل تياري ڪرائڻ ۾ هن پنهنجيون صلاحيتون ڀرپور نموني سان ڪم به آنديون.

گفتار جي طاقت سبب مون کيس هڪ خانگي ريڊيي تي ميزبان جي حيثيت سان پروگرام ڪرڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ هن منهنجي پيشڪش ۾ منهنجي توقعات کان وڌيڪ سهڻا پروگرام ڪيا. هاٽ ايف ايم 105 لاڙڪاڻي جي جُز وقتي پريزنٽر جِي حيثيت ۾ هن مختلف وقتن تي مختلف علمي، ادبي، ساهتي، ثقافتي توڙي مذهبي پروگرام پنهنجي نرالِي اسڪرپٽ ۽ بهترين توڙي جاندار پريزنٽيشن سان پيش ڪيا، جيڪي ٻڌندڙن ۾ بيحد مقبول ٿيا.

اهي سمورا ڪمَ سندس هٿَ ۾ ئي هئا. انهن مان گھڻا ڪمَ ته هُن اڃا شروع مسَ ڪيا هئا… ۽ ڪي تخليقي ڪمَ ته اڃا فقط ڊزائن ڪيا هئائين، انهن ۾ اڃا هٿ ئي ڪونه وِڌو هئائين، ته اوچتو ڪنهن معمولي اگھائيءَ سندس ڏِيلَ جو ڏونڪو وڄايو. تُزُ تشخيص توڙي علاج لاءِ کيس لاڙڪاڻي مان مورڙي جي شهر اچڻ لاءِ زور ڀريم ته سڏ ورنائيندي، مون ڏانهن ايندي، 27هين جنوري 2019ع تي ڏينهن جي 11:30 لڳي ڌاري، استاد بخاريءَ جي شهر جي باءِ پاس کان مَٽِيندي، سندس ساهَه جو سڳو اوچتو ئي اوچتو ٽُٽِي پيو ۽ هُوءَ بخاريءَ بقول الائي گھڻا ڪمَ ۽ الائي گھڻا غمَ اڌ ۾ ڇڏي، اسانکي ڇڏي هلِي وئِي… ’گُڏِي‘، ’گُڏي‘ کان ڌارَ ٿِي وئي… ۽ ڪالهه ڇهين سارَ ٿِي وئي…

نه ڪم نبريو، نه غم نبريو، جو نبرِي ويو سو دَم هُوندو

جو نکرِي پيو سو سچُ سمجھو، جو وکرِي ويو وهم هُوندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.