لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي نئين سر تنظيم سازي جي معاملي تي پارٽي ۾ اختلاف سامهون اچي ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ عاليا حمزا کي چيف آرگنائيزر بڻائڻ تي حماد اظهر ڪاوڙيل آهي ۽ پنجاب جي ليڊرشپ عاليا حمزا جي قيادت تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني عمران خان عاليا حمزا ۽ حماد اظهر ۾ اختلاف ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، سلمان اڪرم راجا پنجاب ۾ جاري اختلاف ختم ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نين نامزدگين جي حوالي سان اڃا تائين نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿي سگهيو ۽ اختلاف ختم ٿيڻ کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو.
You might also like