اغوا جي وارداتن ۾ پوليس ملوث آهي: جاويد عالم اوڍي جو وڏو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍي چيو آهي ته شهر ۾ ڏوهن جي شرح گهٽي آهي، قانوني ڪمزورين سبب جوابدار بچي ويندا آهن.
ڪراچي چيمبر ۾ گفتگو ڪندي جاويد عالم اوڍي چيو ته ڪراچي اڍائي ڪروڙ آبادي وارو شهر آهي، هڪ مهيني ۾ 10 هزار موٽر سائيڪلن ۽ 3 هزار گاڏين جي رجسٽريشن ٿيندي آهي.
هن چيو ته ڏوهن جي شرح گهٽي آهي، موٽر سائيڪل جي ڦر ۽ موبائل کسڻ جي وارداتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، سموريون شڪايتون داخل ڪيون وينديون آهن پر قانوني ڪمزورين سبب جوابدار بچي ويندا آهن، ڪنهن جي ايف آءِ آر داخل نه ٿئي ته مون سان رابطو ڪري.
سندس چوڻ هو ته شهر ۾ شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ ۾ پوليس ملوث آهي، سيف سٽي پراجيڪٽ جو افتتاح ٿي چڪو آهي، ڪيمرائن ۽ پولز جو ڪم جاري آهي، هاڻ ڊجيٽل سروس جو دور آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.