پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ نگران دور ۾ ڀرتي ڪيل سرڪاري ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو بل منظور ڪيو ويو.
بل 22 جنوري 2023 کان 29 فيبروري 2024 جي ڀرتين تي لاڳو ٿيندو پر سن ۽ اقليتي ڪوٽا، ڪميشن ذريعي ڀرتي ٿيندڙن کي ڇوٽ حاصل هوندي.
ان حوالي سان هڪ ڪميٽي جوڙي ويندي، 7 رڪني ڪميٽي جي سربراهي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڪندو ۽ سمورا ادارا نگران دور جي ڀرتين تي 30 ڏينهن ۾ رپورٽ جوڙيندا.
قانون واري وزارت آفتاب عالم موجب نگران دور ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ڀرتيون ڪيون ويون، نگران حڪومت رڳو روز مرهه جا معاملا هلائي سگهي ٿي.
ملازمن بابت ڪميٽي جو حتمي فيصلو هوندو، بل جو مقصد نگران دور جي ڀرتين کي غير قانوني قرار ڏيڻ آهي.
Prev Post
You might also like