ناشتو نه ڪرڻ جا 3 وڏا نقصان!

روزاني مصروفيتن جي ڪري ڪيترائي ماڻهو ناشتو ناهن ڪندا، تحقيقن مان ثابت ٿيو آهي ته صبح جي پهرين غذا ڇڏي ڏيڻ جا نقصان اندازن کان گهڻا هوندا آهن.

دنيا جا ڪجهه علائقا اهڙا آهن، جتي ماڻهن جي وچولي عمر ٻين علائقن جي مقابلي ۾ گهڻي هوندي آهي. انهن علائقن کي "بلو زون” چيو وڃي ٿو، ۽ انهن جا رهواسي طئي ڪندا آهن ته ناشتو ڏينهن جي سڀ کان اهم غذا آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ناشتو جسم کي ڏينهن جي شروعات ۾ توانائي مهيا ڪري ٿو ۽ صحتمند غذا سان ڏينهن جي شروعات ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. پر ناشتو نه ڪرڻ سان صحت تي ڪجهه اهم ناڪاري اثر ٿي سگهن ٿا، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:

ڌيان ڏيڻ ۾ گهٽتائي

ناشتو اسان جي دماغ کي ڏينهن جي شروعات ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ گهربل توانائي مهيا ڪري ٿو. پر ناشتو نه ڪرڻ سان دماغ تي منفي اثر پون ٿا، جنهن سان ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو.

هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته اهي ماڻهو جيڪي ناشتو نٿا ڪن يا غير مناسب خوراڪ سان ڏينهن جي شروعات ڪن ٿا، اهي ڏينهن دوران ذهني ڪارڪردگي ۾ گهٽتائي جو شڪار ٿين ٿا. انهن ماڻهن لاءِ پنهنجن ڪمن تي ڌيان ڏيڻ تمام ڏکيو ٿي پوي ٿو.

دٻاءَ ۾ واڌ

ناشتو نه ڪرڻ سان "ڪورٽيسول” نالي هارمون جي سطح وڌي ٿي، جيڪو نه رڳو جذباتي دٻاءُ، پر جسماني دٻاءَ کي به وڌائي ٿو.

هڪ تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو ته ناشتو نه ڪرڻ سان صبح جي وقت ڪورٽيسول وڌي وڃي ٿو، جنهن سان بک وڌي ٿي ۽ دماغي توڙي جسماني دٻاءَ ۾ واڌ ٿئي ٿي.

مزاج ۽ ننڊ متاثر ٿيندي آهي

جيڪڏهن توهان اڪثر ناشتو نٿا ڪريو ته ان عادت جو اثر توهان جي ننڊ ۽ مزاج تي پوي ٿو.

هڪ تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته ناشتو نه ڪرڻ سان ننڊ جو معيار خراب ٿئي ٿو ۽ ڊپريشن جا امڪان وڌي وڃن ٿا.

اهڙي ريت هڪ ٻي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته ناشتو نه ڪرڻ سان ننڊ، مزاج ۽ خوراڪ جي عادتن ۾ تبديليون اينديون آهن. جيڪي ماڻهو ناشتو ڪن ٿا، انهن جي ننڊ جو معيار بهتر ۽ صبح جو مزاج خوشگوار هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.