مائڪروسافٽ باني ۽ دنيا جي امير ترين شخصيتن ۾ شامل بل گيٽس طلاق کي زندگي جي سڀ کان وڏي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ بيان ۾ بل گيٽس چيو ته طلاق تي سڀ کان وڌيڪ پڇتاءُ آهي، اهو منهنجي ۽ ميلنڊا ٻنهي لاءِ ڏکيو فيصلو هو.
هن چيو اميد هئي ته اسان جي شادي ايتري ئي ڪامياب ٿيندي، جيتري 45 سال گذاريندڙ منهنجي والدين جي هئي، جڏهن ميلنڊا سان ملاقات ٿي ته مان ڪامياب هيس پر ان جي گڏ رهڻ سان وڌيڪ ڪامياب ٿيس.
واضح رهي ته ميلنڊا به بل گيٽس سان پنهنجي طلاق کي تڪليف ڏيندڙ چئي چڪي آهي، ٻنهي جي 27 سالن جي شادي 2021 ۾ طلاق جي صورت ۾ پڄاڻي تي پهتي هئي.
Next Post
You might also like