هر عمر ۾ طاقتور دماغ رکندڙ سولي عادت!

الزائمر هڪ اهڙو مرض آهي جنهن جو مڪمل علاج اڃا تائين موجود ناهي. هاڻوڪي وقت ۾ ان جي علامتن کي رڳو دوائن ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

جڏهن ڪو ماڻهو الزائمر ۾ مبتلا ٿئي ٿو ته وقت سان گڏ ان جي شدت وڌندي ويندي آهي، جنهن ڪري طبي ماهر ان مرض کان بچڻ جا طريقا ڳولي رهيا آهن.

برازيلي ماهرن جي هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته ايئروبڪ ورزشون دماغي صحت لاءِ بهترين آهن. فيڊرل يونيورسٽي جي هن تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته وچولي عمر ۾ ايئروبڪ ورزشون ڪرڻ سان دماغي ڪمزوري کان بچڻ ۾ مدد ملي ٿي.

ايئروبڪ ورزشن ۾ تيز پنڌ گهمڻ ، ڊوڙڻ، ترڻ، ڏاڪڻ چڙهڻ ۽ سائيڪل هلائڻ جهڙيون سرگرميون شامل آهن. اهي ورزشون دل جي ڌڙڪن ۽ ساهه جي رفتار کي تيز ڪري ڇڏينديون آهن، جنهن سان دل ۽ ساهه جي نظام جي صحت بهتر ٿيندي آهي.

تحقيق دوران ڪوئن کي 8 هفتن تائين ايئروبڪ ورزشون ڪرائي ويون، ۽ انهن جي دماغ تي اثرن جو جائزو ورتو ويو. نتيجن مان خبر پئي ته 8 هفتن کانپوءِ انهن ڪوئن جي دماغ ۾ الزائمر سان لاڳاپيل پروٽينز جي سطح ۾ 63 کان 76 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.

الزائمر مرض جي ڪري اعصاب واري نظام کي به نقصان پهچندو آهي، پر ايئروبڪ ورزشون انهن اعصابن جي ڪارڪردگي کي لڳ ڀڳ 2.5 ڀيرا بهتر ڪن ٿيون. تحقيق مان اها به خبر پئي آهي ته جن ڪوئن جي دماغ ۾ ورم هو، انهن ۾ به 55 کان 68 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي.

ان کان اڳ، نومبر 2024 ۾ سوئيڊن جي ڪيرولينسڪا انسٽيٽيوٽ ۾ ڪيل هڪ تحقيق ٻڌايو ته وچولي عمر ۾ بهترين ڪارڊيو فٽنيس سان پوڙهائپ ۾ ڊيمينشيا ۽ الزائمر جهڙن مرضن کان بچڻ جو خطرو گھٽجي وڃي ٿو.

هن تحقيق ۾ 39 کان 70 ورهين جي 61 هزار ماڻهن کي شامل ڪيو ويو، جن جو ڪارڊيو فٽنيس ۽ دماغي صلاحيتن جو جائزو ورتو ويو. 12 سال کانپوءِ انهن ماڻهن جي صحت تي ٻيهر تحقيق ڪئي وئي. نتيجن مان خبر پئي ته ڪارڊيو فٽنيس سان 70 سالن کانپوءِ ڊيمينشيا جو خطرو 20 سيڪڙو تائين گھٽجي سگهي ٿو.

ماهرن چيو ته جسماني فٽنيس نه رڳو جسم، پر دماغ لاءِ به فائديمند آهي. ان سان دماغي ڪارڪردگي ۽ تيز سوچڻ جي صلاحيت بهتر ٿئي ٿي. پر ماهرن اهو پڻ تسليم ڪيو ته ان موضوع تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

هن تحقيق جا نتيجا برٽش جرنل آف اسپورٽس ميڊيسن ۾ ڇپيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.