تلڪ ورما رڳو 4 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو

چنئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان بيٽر تلڪ ورما ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ منفرد رڪارڊ قائم ڪري ورتو.
ڀارت ڇنڇر ڏينهن چنئي ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ انگلينڊ کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ ٻه وڪيٽن تان شڪست ڏني، ميزبان ٽيم تلڪ ورما جي شاندار بيٽنگ عيوض هدف آخري اوور ۾ پورو ڪيو، تلڪ 55 بالن تي 72 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
تلڪ ورما ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشلز مقابلن ۾ ناٽ آئوٽ رهندي سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ پهريون بيٽر بڻجي ويو آهي.
هن گذريل 4 اننگز ۾ آئوٽ ٿيڻ بنا مجموعي طور تي 318 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ٻه شاندار سينچريون پڻ شامل آهن.
تلڪ ورما جو گذريل 4 ٽي ٽوئنٽي اننگز جو اسڪور 107، 120، 19 ۽ 72 آهي ۽ هو سڀني اننگز ۾ ناٽ آئوٽ رهيو.
ان کان اڳ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز مقابلن ۾ آئوٽ ٿيڻ بنا سڀ کان وڌيڪ اسڪور نيوزيلينڊ جي مارڪ چيمپين ٺاهيو هو، هن 2023 ۾ آئوٽ ٿيڻ بنا مجموعي طور تي 271 رنسون ٺاهيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.