بمرا ۽ سمرتي ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو اعزاز ماڻي ورتو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر جسپريت بمرا آءِ سي سي مينز ٽيسٽ ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ کٽي ورتو.
سريلنڪا جي ڪميندو مينڊس کي مينز ايمرجنگ ڪرڪيٽر آف دي ايئر قرار ڏنو ويو، ايمرجنگ ڪرڪيٽر آف دي ايئر لاءِ پاڪستان جي صائم ايوب، انگلينڊ جي گس اٽڪنسن ۽ ويسٽ انڊيز جي شمر جوزف کي به نامزد ڪيو ويو هو.
آءِ سي سي ون ڊي مينز ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ افغانستان جي آل رائونڊر عظمت الله عمرزئي ماڻيو، جڏهن ته ڀارت جي سمرتي منڌانا وومين ون ڊي ڪرڪيٽر آف دي ايئر 2024 جو اعزاز ماڻيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.