ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو، ڊوميسٽڪ ۾ به اهڙيون پچون ٺاهڻيون پونديون.
ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ٽيسٽ ۾ شڪست کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شان مسعود چيو ته شڪست تي افسوس آهي، اسپن ٽريڪ تي ڊگهي پارٽنر شپ تمام ضروري آهي.
هن چيو ته اسان ان ڪنڊيشن ۾ 4 مان 3 ميچون کٽيون، انهن پچن تي اسان جي بيٽرن سٺي راند کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو نتيجو چاهيوسين اهو نه آيو، انهن پچن تي ميچ جو نتيجو تمام جلد طئي ٿي ويندو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان ڊوميسٽڪ ۾ اهڙي ڪنڊيشن سان ناهي کيڏيو، تنهن ڪري ڊوميسٽڪ ۾ اهڙين پچن کي آزمائڻو پوندو.
اسپن پچن تي کيڏڻ جو تجربو ناهي، ڊوميسٽڪ ۾ به اهڙيون پچون ٺاهڻيون پونديون: شان مسعود
Prev Post
You might also like