ڀارتي رياست بهار ۾ هڪ ڀولڙي ڏهين درجي جي شاگردياڻي کي ڇت تان ڌڪ ڏنو نتيجي ۾ ڇوڪري هيٺ ڪري فوت ٿي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب ٿڌ جي موسم جي ڪري پرِيا نالي شاگردياڻي ڇت تي اُس تي ويهي پڙهي رهي هئي ته ڀولڙن جو لشڪر آيو ۽ شاگردياڻي ڊڄي وئي.
محلي وارن ڀولن کي ڏسي لڙ ڪيو، جنهن تي ڇوڪري ڇت تان ڊوڙندي گهر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان دوران هڪ ڀولڙي پرِيا کي ڌڪو ڏنو جنهن سبب هوءَ ڇت تان هيٺ ڪري زخمي ٿي وئي.
زخمي نينگري کي ماءُ پيءُ اسپتال کڻي ويا پر سندس زندگي نه بچي سگهي. ڊاڪٽرن موت جو سبب مٿي ۽ چيلهه سميت جسم جي ٻين حصن تي لڳل زخمن جو ٻڌايو.
ڀارتي ميڊيا موجب هن علائقي سميت ڀارت جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڀولڙا ۽ لنگور ڪيترن ئي انسانن کي نقصان پهچائي چڪا آهن.