بختارو ڀٽو گهڻ سالن جي ٿي؟ مڙس پاران انوکي پيغام سان مبارڪون

صدر آصف علی زرداری ۽ اڳوڻي وزيرِ اعظم شهيد بينظير ڀٽو جي وڏي صاحبزادي بختاور ڀٽو زرداری گذريل ڏينهن 25 جنوري تي پنهنجي خاندان سان گڏ پنهنجي سالگره ملهائي.

بختاور ڀٽو زرداری جي مڙس محمود چوڌري فوٽو اينڊ ويڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي زال کي دلچسپ انداز ۾ سالگره جي مبارڪ ڏني آهي.

هنن پنهنجي زال جي سالگره جي تقريب مان هڪ خوبصورت تصوير شيئر ڪئي آهي.

هنن تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته "مير حاڪم، مير سجاول ۽ مير ذوالفقار جي امڙن کي 25 (10+) هين سالگره مبارڪ هجي.”

ان پوسٽ کي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان وڏي پسنديدگي حاصل ٿي رهي آهي ۽ بختاور ڀٽو زرداری کي سالگره جي مبارڪباد پڻ ڏني پئي وڃي.

 واضح رهي ته بختاور ۽ محمود چوڌري جي شادي 31 جنوري 2021 ۾ ڪراچي جي بلاول هاؤس ۾ ٿي هئي.

هن جوڙي جو پهريون پٽ مير حاڪم محمود چوڌري 11 آڪٽوبر 2021، ٻيو پٽ مير سجاول محمود چوڌري 5 آڪٽوبر 2022 ۽ ٽيون پٽ مير ذوالفقار محمود چوڌري 20 آڪٽوبر 2024 ۾ پيدا ٿيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.