هن وقت تائين شادي ڇو ناهي ڪئي؟ فيصل رحمٰن سبب ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪار فيصل رحمٰن اڄ تائين شادي نه ڪرڻ جي سبب بابت ٻڌايو آهي.

اٺونجاهه سالن جي فيصل رحمٰن حال ئي ۾ هڪ ويب شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن مختلف موضوعن تي دلچسپ گفتگو ڪئي.

هن محبت جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته مونکي زندگي ۾ ڪڏهن به ڪنهن سان محبت نه ٿي.

اداڪار وڌيڪ ٻڌايو ته زندگي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سان ويجهو ٿيو ۽ شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر شادي ٿي نه سگهي.

هن شادي نه ٿيڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته مونکي وعدا ڪرڻ کان ڊپ لڳندو آهي، ان ڪري هر ڀيري شادي ڪرڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيندو آهيان.

فيصل رحمٰن چيو ته منهنجي خيال ۾ سڀئي مرد ئي اهڙن وعدن کان ڊپن ٿا، پر سماجي دٻاءُ ۽ پنهنجن عدم تحفظات سبب شادي ڪري وٺندا آهن ڇاڪاڻ ته انهن کي لڳي ٿو ته زندگي ۾ ڪنهن ساٿي جي ضرورت آهي.

هن وڌيڪ چيو ته منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن اسان پاڻ کي سٺي طرح سڃاڻون، ته اسان کي زندگي ۾ ڪنهن سان گڏ هجڻ جي ضرورت ناهي.

اداڪار اهو پڻ چيو ته ٻه ماڻهو صرف انهي حالت ۾ هڪٻئي سان هلڻ ڪري سگهن ٿا جيڪڏهن اهي هڪٻئي کي سٺي طرح سمجهن ۽ ٻنهي ۾ هڪجهڙيون خصوصيتون هجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.