ليسڪو: رهتون ادا نه ڪندڙ 200 بجلي چورن جون لسٽون تيار

ليسڪو اختيارن جو چوڻ آهي ته 200 وڏن رهتون نه ڏيندڙ ۽ بجلي چورن جي لسٽون تيار ڪري ڇڏيون آهن.

ليسڪو اختيار چيو آهي ته بجلي چورن خلاف بنا ڪنهن فرق جي شفاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ادائگيون نه ڪندڙ واهپيدارن تي هڪ ڪروڙ رپين کان مٿي جا بل رهيل آهن.

اختيارين ٻڌايو آهي ته بجلي چوري وارن علائقن ۾ ڏورانهان سرحدي ۽ ٻيا علائقا به شامل آهن، بجلي چوري ۾ قصور، مريدڪي، اوڪاڙا، ڦول نگر، پتوڪي، نارنگ، ۽ ديپالپور سرفهرست آهن.

ٻهراڙي علائقن ۾ لائن لاسز 20 کان 45 سيڪڙو تائين ڏٺا ويا آهن.

اختيارين ٻڌايو آهي ته رهتون نه ڏيندڙ واهپيدارن ڏي هڪ ڪروڙ رپين کان مٿي جا بل رهيل آهن ۽ بجلي چورن کي مقامي بااثرن جي پٺڀرائي پڻ حاصل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.