ڪراچي: مخصوص بليادتي سيٽون، کدڙن فقيرن جي 154 سيٽن مان رڳو هڪ لاءِ فارم پهتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ ۾ سياسي پارٽين کي مخصوص بلدياتي سيٽن لاءِ اميدوار نٿا ملن. ڪراچي مان کدڙي فقيرن جي 152 سيٽن لاءِ رڳو هڪ فارم جمع ٿيو.

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب، کدڙي فقيرن جون 151 سيٽون خالي رهيون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي سيٽون ضلعي ڪائونسل، ميونسپل ڪورپورشن، ميونسپل ڪميٽي، ٽائون ڪميٽي ۽ ٽائون ميونسپل ڪورپورشن لاءِ رکيل هيون.

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب مخصوص سيٽن تي فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 24 جنوري هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪائونسلن ۾ عورتن جي 9 سيٽن مان 5 خالي رهيون، رڳو چئن سيٽن تي فارم جمع ٿيا. يونين ڪائونسلن ۽ يونين ڪميٽي ۾ 425 مخصوص سيٽن تي چونڊون ٿيڻيون هيون.

ذريعن موجب يونين ڪميٽي ۾ 125 وڌيڪ سيٽن تي ڪنهن اميدوار فارم جمع ناهي ڪرايو.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته نوجوانن جون ٻه سيون خالي رهيون، رڳو ٽي تي فارم جمع ٿيا. مزدورن جي 2 سيٽن تي فارم جمع ٿيا ۽ 2 سيٽن تي ڪنهن فارم جمع ناهي ڪرايو.

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب 3 اقليتي سيٽن تي فارم جمع ٿيا ۽ 2 خالي رهيون.

اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب اسپيشل ماڻهن ”معذرون“جي 10 سيٽن مان چئن تي فارم جمع ٿيا ۽ 6 خالي رهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.