پشاور(ويب ڊيسڪ)جنید اڪبر جي صوبائي صدر بڻجڻ کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخوا ۾ ويڏون تبديليون ٿيڻ جو امڪان آهي.
پي ٽي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي صدارت ۾ تبديلي کانپوءِ تنظيمي سطح تي به تبديليون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن ٻڌايو آهي ته پارٽي جي صوبائي جنرل سيڪريٽري ۾ به تبديلي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته عاطف خان ۽ ارباب شير علي کي اهم ذميواريون ڏئي سگهن ٿيون.
پي ٽي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي ضلعي تنظمن ۾ به تبديليون ڪيون وينديون.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن باني پي ٽي آءِ عمران خان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور کان صوبائي صدارت کسي جنيد اڪبر کي پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جو نئون صدر مقرر ڪيو هو.
هن بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته هن فيصلي تي علي امين گنڊا پور کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، ۽ عمران خان علي امين گنڊا پور کي هدايت ڏني آهي ته صوبي ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي ڌيان ڏئي.