ڪراچي(ويب ڊيسڪ)چئيرمين پاڪستان تحريڪ انصاف بيرسٽر گوهر علي خان جو چوڻ آهي ته حڪومت سان ڳالهين بابت جيڪو عمران خان چيو آهي، اهوئي پارٽي جو فيصلو آهي.
نجي ٽي وي سان ڳالھائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته ڳالهين جي شروعات ۾ حڪومت دير ڪئي، ڪميشن ٺاهڻ ۾ به دير ڪئي، پي ٽي آءِ جو فيصلو اهوئي آهي جيڪو باني پي ٽي آءِ چيو آهي. هاڻي به جيڪڏهن حڪومت سنجيده آهي ته هڪ مثبت قدم کڻي، باني سان ڳالهايو ويندو.
هن چيو ته 7 ڏينهن ختم ٿيڻ کان پوءِ ڳالهين جو عمل باقاعده ختم ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن حڪومت چاهي ته ڪميشن جو اعلان ڪري، ان کان پوءِ ڏسنداسين. جيڪڏهن حڪومت ڪميشن جي ٽي او آرز تي ويهڻ لاءِ چوي ٿي، ته ان بابت باني پي ٽي آءِ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.