سون اگهه ۾ لاٿ، في تولو گهڻي جو ٿي ويو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون ٻه سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 89 هزار 4 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئشن موجب، ڏهه گرام سون 172 رپيا لاٿ بعد 2 لک 48 هزار 113 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ٻه ڊالر گهٽجڻ بعد 2 هزار 770 ڊالرز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.