آئين ٺاهڻ ۽ قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جي ذميواري آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آئين ٺاهڻ ۽ قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جي ذميواري آهي، آئين تحت پارليامينٽ سڀ کان وڌيڪ سپريم ادارو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪري چڪو آهي ته پيپلزپارٽي آئين جي حفاظت ڪندي.
سندس چوڻ هو ته پ پ ملڪ ۾ آئين جي بالادستي تي يقين رکي ٿي، صدر آصف علي زرداري پنهنجي پهرين حڪومت ۾ پارليامينٽ کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪيو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صدر آصف علي زرداري صدارتي اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪيا.
هن چيو ته صدر آصف علي زرداري صدارتي اختيارن ۾ گهٽتائي ڪري پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪيو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ جي هر اداري جي ذميواري آهي ته هو پارليامينٽ مان منظور ٿيل آئين تي عمل ڪري، جمهوريت جي استحڪام ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ جدوجهد پيپلزپارٽي جي تاريخ رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.