گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي موريطانيه ٻيڙي حادثي ۾ ملوث انساني سمگلر کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي موجب، مظفر ڳڙهه ۾ ڪارروائي ڪري موريطانيه ٻيڙي حادثي ۾ ملوث انساني سمگلر عديل احمد کي گرفتار ڪيو ويو.
ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار عديل احمد گجرات واسي ريحان کان 40 لک رپيا ورتا هئا.
ايف آءِ اي موجب، ريحان کي پاڪستان کان دبئي ۽ پوءِ ايٿوپيا رستي سينيگا پهچايو ويو، جتان ريحان موريطانيه پهتو ۽ ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿي ويو.
ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته جوابدار عديل احمد ٻيڙي حادثي بعد روپوش هو، جنهن خلاف ريحان جي وارثن ڪيس داخل ڪرايو هو.
ايف آءِ اي موجب، جوابدار عديل احمد کي گرفتاري بعد گجرانوالا منتقل ڪيو ويندو.
ياد رهي ته16 ڊسمبر 2024ع تي آفريڪي ملڪ موريطانيه کان غيرقانوني طور اسپين ويندڙن جي ٻيڙي سان حادثو پيش آيو هو، جنهن ۾ 44 پاڪستانين سميت 50 پناهگير فوت ٿي ويا هئا.
You might also like